پشاور: پارا چنار ۾ عام واهپي وارين شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون، 20 ڪلو گيهه 11 هزار ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو.رستا بند هجڻ سبب عام واهپي جون شيون خريد ڪرڻ لاءِ شهرين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، عوام کان هٿ ٺوڪيون قيمتون وصول ٿيڻ لڳيون. عوام جو چوڻ آهي ته شيون پنهنجي قيمتن کان وڌيڪ اگهن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن، 20 ڪلو گيهه 11 هزار روپين ۾ 50 ڪلو کنڊ 10 هزار روپين جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي.ٽماٽا 600 روپيه، بصر 400 روپيه، پٽاٽا 250 روپيه، ساوا مرچ 800 روپيه جڏهن ته ليما 600 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. پارا چنار جي عوام چيو آهي ته قيمتون انتهائي وڌيڪ هجڻ سبب سبزي ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون خريد ڪرڻ کان لاچار آهيون.ٻئي طرف ڪوئٽه ۾ آنن جون قيمتون به وڌي ويون آهن. مارڪيٽ ۾ هڪ آني جي قيمت 30 کان 35 روپيه وصول ڪئي پئي وڃي. آنن جي في درجن قيمت 360 روپين جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.