فراءِ پين جي هينڊل ۾ سوراخ ڇو هوندو آهي؟

ڪچن ۾ کاڌو پچائڻ لاءِ ڪيترن ئي ٿانون جو استعمال ٿيندو آهي پر گھڻن ۾ ڪجهه اهڙو موجود هوندو آهي جنهن جو مقصد اسان کي خبر ناهي هوندو.

يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر ڪچن ۾ موجود ديڳڙين ۽ فراءِ پين جي هينڊل تي ٺهيل سوراخ جو مقصد به گھڻن ماڻهن کي خبر ناهي.

مثال طور ڇا اوهان کي خبر آهي ته فراءِ پين جي هينڊل ۾ سوراخ ڇو هوندو آهي ۽ ڪئين مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو؟

حقيقت ۾ اهو هينڊل رڳو ٿانو کي کڻڻ يا لڙڪائڻ لاءِ ئي مددگار ناهي هوندو پر ان جو بنيادي مقصد ڪجهه ٻيو آهي.

جيڪڏهن اوهان کي خبر ناهي ته ڄاڻي وڄو ته اهو سوراخ فراءِ پين ۾ پچائي ويندڙ پڪوان لاءِ استعمال ٿيندڙ چمچي کي رکڻ لاءِ هوندو آهي.

اهو سوراخ ان ڪري هوندو آهي ته جيئن اوهان ٻوڙ يا ڪنهن ٻي شيءِ ۾ استعمال ڪيل چمچي سان ڪنهن ٻي پليٽ يا ڪچن ڪائونٽر کي گندو نه ڪريو.

چمچي کي استعمال ڪري ٿانو جي آخر ۾ ٺهيل سوراخ ۾ ڦاسائي ڇڏيو ۽ ان کي تي لڳائڻ سان ٻوڙ يا ٻيو مواد واپس ٿانو يا فراءِ پين ۾ ئي ڳڙي ويندو.

اهڙيءَ طرح پلاسٽڪ جي چمچي کي فراءِ پين جي اندر ڇڏڻ جي به ضرورت ناهي هوندي.

واضح رهي ته فراءِ پين جي اندر چلهي جي گرمائش سان چمچو رجڻ جو خطرو هوندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔