ڏکڻ ڪوريا، صدر خلاف ٻي مواخذي جي رٿ تي ووٽنگ ڪامياب

سيول : ڏکڻ ڪوريا مارشل لا لاڳو ڪندڙ صدر يون سيڪ يول جي خلاف مواخذي جي ٻي رٿ ووٽنگ ذريعي منظور ڪري ورتي آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ ڪوريا جي حڪمران پارٽي پارليامينٽ ميمبرن صدر خلاف مواخذي تي ووٽ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.200,000 کان وڌيڪ مظاهرين گادي واري شهر سيئول ۾ پارليامينٽ جي عمارت جي ٻاهران هڪ مظاهري ۾ حصو وٺي رهيا آهن ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سيوڪ يول خلاف، جيڪو مواخذي جي تحريڪ کي منهن ڏئي رهيو آهي، صدر کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔