جسٽس جمال خان مندوخيل جسٽس منصور علي شاهه جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: جسٽس جمال خان مندوخيل جسٽس منصور علي شاهه جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ذريعن موجب جسٽس جمال مندوخيل جي جواب ۾ چيو ته اوهان جو 12 ڊسمبر تي لکيل خط مون کي ملي ويو آهي، اوهان جي علم ۾ آهي ته 26هين ترميم کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن ٻيهر جوڙيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪميشن چيف جسٽس کي رولز ٺاهڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس رولز ٺاهڻ لاءِ 6 ڊسمبر جي جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ گڏيل طور تي منهنجي سربراهي ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رولز جو ڊرافٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

جسٽس جمال مندوخيل  پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته ڪميٽي جا 2 اجلاس اڳ ئي ٿي چڪا آهن، اوهان طرفان تجويز ڪيل سفارشون اڳ ئي ڊرافٽ ۾ شامل ڪيون ويون آهن. گڏيل ڊرافٽ اوهان جي خط کان اڳ ئي اوهان سان شيئر ڪري چڪو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔