حڪومت عمران خان خلاف ڪارروائي جو اصولي فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خلاف وڏي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.عمران خان جي خلاف وفاقي سرڪار جي خصوصي ڪمپلينٽ تي ڪارروائي جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي خلاف پاڪستان پينشل ڪوڊ جي تحت فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.عمران خان تي سوشل ميڊيا جي ذريعي ماڻهن کي رياست ۽ رياستي ادارن جي خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ جا الزام لڳايا ويا آهن. اعليٰ حڪومتي ذريعن موجب عمران خان جي خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منظوري وفاقي ڪابينه کان ورتي ويندي ۽ گهرو وزارت کي وفاقي ڪابينه لاءِ سمري تيار ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي.ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ عمران خان جي خلاف انڪوائري جنهن کان پوءِ ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. وفاقي ڪابينه جي منظوري کان پوءِ دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج عدالت ۾ عمران خان جو ٽرائل ڪرڻ جو منصوبو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته عمران خان جي خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي چيپٽر 6 ۽ 9 اي ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪشنز جي تحت ڪارروائي ڪرڻ جو پلان بنايو ويو آهي.سي آر پي سي جي سيڪشن 196 جي تحت ڪمپلين فائل ڪرڻ ۽ مختلف ڏوهه تي جوابدارن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ وفاقي ڪابينه جي منظوري ضروري هوندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔