اسان جو مقصد پي ٽي آءِ باني جي آزادي آهي، گنڊاپور

پشاور: : ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشريٰ بي بي سان اختلافن وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته منهنجي ۽ بشريٰ جي وچ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، انهي حوالي سان هلندڙ سموريون خبرون ڪوڙيون آهن. هن چيو ته اسان جي خلاف بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسان جو هڪڙو ئي مقصد پي ٽي آءِ باني جي آزادي آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته اڄ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ خطاب ڪندس جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ اڳيان ڇا ڪرڻو آهي اهو سڀ خطاب ۾ ٻڌائيندس.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون آئي هئي جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته اجلاس جي دوران علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔