تل ابيب : لبنان کان اسرائيل تي راڪيٽ حملا جاري آهن، تل ابيب جي بين گورين ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن عارضي طور تي معطل ڪيو ويو.اسرائيلي ميڊيا موجب حزب الله 250 راڪيٽ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 6 اسرائيلي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گاڏين کي به نقصان پهتو ۽ هڪ فيڪٽري کي به نشانو بڻايو ويو.لبنان جي صحت واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته اسرائيلي بمباري سبب لبنان ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ 84 ڄڻا شهيد ٿي ويا. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حڪومت اسرائيلي اخبار هاريٽز جا سمورا اشتهار روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب نيتن ياهو حڪومت اخبار سان سمورا لاڳاپا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.هاريٽز اخبار نتنياهو حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي رهي آهي، لبنان ۾ گذريل سال آڪٽوبر کان وٺي 3 هزار 754 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن.حزب الله اشدود بحري بيس تي ڊرون حملي جي دعويٰ به ڪئي آهي.ٻئي طرف لبنان تي اسرائيلي فوج جا حملا به تيز ٿي ويا، هڪ ئي ڏينهن ۾ 84 ڄڻا شهيد ٿي ويا، فوجي چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ 2 لبناني فوجي پڻ شهيد ٿي ويا.غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ 40 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا، حماس رفح ۾ اسرائيلي فوجين جي گاڏي تي راڪيٽ فائر ڪيا جنهن ۾ ڪيترائي فوجي مارجي ويا.