راولپنڊي : راولپنڊي جي ٽيڪسلا ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي، عليما خان ۽ علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب، اڳوڻي صدر عارف علوي، شهريار رياض، حماد اظهر، اسد قيصر کي به نامزد ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب پي ٽي آءِ جي باني عليمه خان ذريعي عوام کي 24 نومبر جي احتجاج جو پيغام ڏنو. 19 نومبر تي هڪ وڊيو پيغام ۾ بشرا بي بي ڪارڪنن کي اسلام آباد پهچڻ جو چيو.ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن پرتشدد مظاهرو ڪري شهرين جي زندگين کي خطرو ڪيو ۽ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.جوابدارن رياستي ادارن خلاف نعريبازي ڪري ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو.ڪيس ۾ دهشتگردي سميت 13 دفعات شامل آهن.ٻئي طرف فيصل آباد جي ٿاڻي غلام محمد آباد ۾ پي ٽي آءِ جي باني سميت 45 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب جوابدار خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 7 سميت 13 شقن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، پوليس تي حملي ۽ ٻين الزامن ۾ 35 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.