پاڪستاني ٽيم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ زمبابوي پهچي وئي

بلاوائيو: پاڪستاني ٽيم ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ زمبابوي جي شهر بلاوائيو پهچي وئي. جڏهن ته عبوري هيڊ ڪوچ عاقب جاويد بلاوائيو ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.

ٽن ٽي ئوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچز جي سيريز لاءِ پاڪستان مان ڪالهه 10 رانديگرن زمبابوي لاءِ سفر شروع ڪيو جيڪي دبئي رستي بلاوائيو پهتا.  رانديگر اڄ بلاوائيو ۾ آرام ڪندا. زمبابوي ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ 24 نومبر تي ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلاوايو ۾ کيڏيو ويندو.

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت زمبابوي جي دوري تي آهي جتي هو ميزبان ٽيم جي خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي  عالمي ميچن جي سيريز کيڏندا. پاڪستان جي خلاف زمبابوي جي 15 رڪني ون ڊي اسڪواڊ ۾ ڪريگ ايروائن(ڪپتان) فراز اڪرم، برائن بينيٽ، جويلورڊ گمبي، ٽريور گوائڊر، ڪلائيو مڊانڊري، ٽينوٽينڊا ماپوسا، تاديواناشي ماروماني، برينڊن ماوتا، تشنگا موسيڪيوا، بليسنگ مزاراباني، سيچراران، رچرڊان، سيڪران ۽ ڊيوٽي وليمز شامل آهن.

ون ڊي سيريز کان پوءِ ٽبنهي ٽيمن جي وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز به ساڳئي هنڌ تي کيڏي ويندي. 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جو پهريون ميچ پهرين ڊسمبر، ٻيون ٽي ٽوئنٽي ميچ 3 ڊسمبر جڏهن ته ٽيون ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 5 ڊسمبر تي کيڏيو ويندو.

آسٽريليا جي خلاف سيريز ختم ٿيڻ کان پوءِ قومي رانديگرن جو هڪ دستو پهريان ئي زمبابوي پهچي چڪو آهي جنهن ۾ وائٽ بال ٽيم جو ڪپتان محمد رضوان، سلمان علي آغا، حارث رئوف، محمد عرفان خان ۽ حسيب الله خان شامل هئا. ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته بابر اعظم، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه کي زمبابوي جي خلاف يا ون ڊي سيريز لاءِ آرام ڪرايو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔