مني بجيٽ آڻڻ لاءِ دٻاءُ ۾ واڌ ، آءِ ايم ايف وفد پاڪستان ايندو

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري طرفان ڏنل حدف پورو نه ٿيڻ تي آءِ ايم ايف جو مددگار مشن مني بجيٽ آڻڻ تي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪندو.پاڪستان طرفان حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ مني بجيٽ آڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي. مالي سال جا پهريان 6 مهينا(جولاءِ کان ڊسمبر) ۾ 321 ارب روپين جو ٽيڪس خساري جو امڪان آهي جنهن کان پوءِ آءِ ايم ايف ايندڙ هفتي پنهنجو هنگامي مشن پاڪستان اماڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ مني بجيٽ آڻڻ لاءِ اصلاحات جي لاءِ زور ڏنو وڃي.آءِ ايم ايف جي اسٽاف ٽيم ناٿن پورٽر جي سربراهي ۾ 11 نومبر کان 15 نومبر تائين معاشي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي. ٽيم پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف قرض پروگرام جو به جائزو وٺندي. جڏهن ته ايف بي آر طرفان هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 4 مهينن جي دوران جمع ڪرايل ٽيڪس روينيو جي حدف ۾ شارٽ فال جو به جائزو وٺندي.ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف وفد جي هن اوچتي دوري جو فيصلو بنيادي طور تي انهي جي ڪري ڪيو ويو ته پاڪستاني اختياريون هلندڙ ڏينهن ۾ منعقد ورچوئل اجلاس جي ذريعي آءِ ايم ايف کي اصلاحاتي ارادي تي قائل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون.ذريعن موجب ڳالهين جي دوران آءِ پي پيز سان ٿيندڙ ڳالهيون، سرڪلر ڊيبٽ مينجمينٽ پلان کان علاوه پي آءِ اي ۽ ڊسڪوز سميت ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو به جائزو ورتو ويندو. جڏهن ته ٽيڪس روينيو حدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مني بجيٽ سميت امڪاني قدمن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.آءِ ايم ايف جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته هي ڪو جائزه مشن نه آهي ڇو ته آءِ ايم ايف فيبروري کان مارچ 2025 تائين انتظار نٿو ڪري سگهي. جڏهن بجيٽ جي قدمن ذريعي اصلاحات ڪرڻ ممڪن نه هجي. انهي لاءِ هي هڪ هنگامي مشن آهي ۽ انهي ۾ اهم ڳالهيون ۽ فيصلا ڪيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔