توشه خانه ٽو ڪيس: بشريٰ بي بي جي ضمانت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج

اسلام آباد: بشريٰ بي بي جي توشه خانه ٽو ريفرنس ۾ ضمانت جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي وئي آهي. ايف آءِ اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ضمانت واري منظوري جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ضمانت  منظور ڪرڻ جو فيصلو غير قانوني ۽ رڪارڊ جي ابتڙ آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ضمانت کان پوءِ گرفتاري جي اصولن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي جي خلاف ڪيس کي  صحيح طريقي سان نه سمجهيو آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج چيمبرس ۾ ضمانت ڏني. سپريم ڪورٽ جي طئي ڪيل اصولن کي آڏو نه رکيو ويو. درخواست داخل ڪندڙ جو ڪيس اهو آهي ته بشريٰ بي بي پنهنجي مڙس پي ٽي آءِ باني سان گڏ ملوث آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضمانت ڏيندي اهو به سامهون نه رکيو ته استغاثه وٽ شاهديون آهن بلغاري جيولري سيٽ کي توشه خانه ۾ جمع نه ڪرايو ويو. سپريم ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ اهو طئي ڪري چڪي آهي ته عورت هجڻ جي باوجود جيڪڏهن ڪنهن جو ڪرمنل رڪارڊ آهي ته انهي کي ضمانت نٿي ملي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔