پي ٽي آءِ ججز مقرري ڪميشن جو حصو ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف ججز اپائنٽمينٽ ڪميشن جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي خصوصي اجلاس جي پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باضابطا طور جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو حصو بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پڌرائي موجب جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان لاءِ پارليامينٽ مان ميمبرن جي نامزدگي تي اتفاق ڪيو ويو، جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان لاءِ اپوزيشن جي 2 ميمبرن جي نامزدگي بابت اسپيڪر قومي اسيمبلي جي خط تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران بريفنگ ۾ چيو ويو ته جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ڊگهي مدي واري ڪميشن هوندي، ڪميشن جي فيصلي ۾ مخالف ڌر جي 2 ميمبرن جو ڪردار اهم آهي.پڌرائي موجب پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جڊيشل ڪميشن جو حصو بڻجڻ جي تجويز اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي.سياسي ڪميٽي جي فيصلي کي ڪور ڪميٽي ۽ حتمي منظوري لاءِ پي ٽي آءِ جي باني ڏانهن موڪليو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔