برڪس، پاڪستان جي ميمبرشپ جي درخواست تي اڳڀرائي جو امڪان

اسلام آباد: برڪس جي هلندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ جي درخواست تي اڳڀرائي جو امڪان آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، اماڪي طور تي هن ڀيري ڀارت برڪس ۾ پاڪستان جي ميمبرشپ جي حمايت ڪري سگھي ٿو. برڪس جو ٽن ڏينهن وارو اجلاس روس جي شهر ڪازان ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي ميزباني ۾ جاري آهي.برڪس اجلاس ۾ 24 ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن، ڪانفرنس ۾ ايران سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي اهم معاهدي تي به صحيحون ٿينديون. ڀارتي ميڊيا موجب، برڪس اجلاس ۾ سعودي عرب جي حيثيت کي به واضع ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔