سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ 26هين آئيني ترميم جي خلاف داخل ڪيل درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي آهي.

26هين آئيني ترميم تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ عدالت سڳوري جي 3 رڪني بينچ ڪئي جنهن ۾ درخواستگذارن طرفان حامد خان عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊووڪيٽ حامد خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته درخواست واپس وٺڻ جي لاءِ اوهان تي دٻاءُ وڌو ويو؟ اها ڳالهه ته زبيري صاحب پاڻ به چئي سگهيو ٿي، جنهن تي ايڊووڪيٽ حامد خان جواب ڏنو ته مان سمورن درخواستگذارن طرفان پيش ٿيو آهيان. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ آئيني ترميم جي خلاف  داخل ڪيل درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عابد زبيري سان ڳالهائيندي چيو ته اوهان جي هڪ ٻئي درخواست به هئي. مون بطور چيف جسٽس آف پاڪستان انهي درخواست کي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر نه ڪيو، ٿي سگهي ٿو ته هاڻ اها درخواست ٻڌڻي هيٺ اچي. ايڊووڪيٽ حامد خان جواب ڏنو ته اها اوهان جي وڏي مهرباني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔