ٽارگيٽ اهو هوندو جن جون سرحدون حملي لاءِ استعمال ٿينديون، ايران

تهران: ايران خليج فارس ۾ آمريڪي اتحادين کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪو به سندس فضائي يا زميني سرحدون استعمال ڪندو ان کي نشانو بڻايو ويندو.آمريڪي اخبار موجب تهران خفيه سفارتي چينلز ذريعي اردن، امارات، سعودي عرب ۽ قطر کي خبردار ڪيو آهي.اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ملڪن بائيڊن انتظاميا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو آمريڪا يا اسرائيل کي ايران خلاف جارحيت لاءِ پنهنجو فوجي انفراسٽرڪچر يا هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ چاهين ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔