ميرپورخاص: ميرپورخاص پوليس ھٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ڪفن دفن ۾ رڪاوٽون وجھڻ ۽ مائٽن کان لاش ڦري ان کي باهه ڏيڻ جي ڪيس ۾ 18 جوابدار کي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
ميرپورخاص پوليس ھٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي عمرڪوٽ ۾ ڪفن دفن جي رسمن ۾ رڪاوٽون وجھڻ ۽ وارثن کان لاش ڦري ان جي بي حرمتي ڪرڻ ۽ ساڙڻ جي الزام ھيٺ آيل 18 جوابدارن کي عمرڪوٽ پوليس اڄ ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، پيش ٿيلن ۾ مولوي احمد شاھاڻي، مولوي رياض پنھور، شير علي سميجو، محبوب ساند، غلام مجتبيٰ پنھور، نور حسن پنھور، غمشاد پنھور، محمد صيفل پنھور، مولوي امجد، لکمير، ارشد سميجو، عليم سميجو، فقير محمد پليجو، محمد سليم ساند، بدر الدين پنھور، عبدالغفار رانگڙ، دائود پنھور ۽ معشوق خاصخيلي شامل آھن. ڪيس جي انويسٽيگيشن آفيسرن پاران جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪيل استدعا تي عدالت سمورن جوابدارن کي وڌيڪ 7 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.
واضح رھي ته لاش ساڙڻ جي ڪيس ۾ ٽوٽل 19 سڃاتل ۽ 15 اڻڄاتلن کي نامزد ڪيو ويو ھو، جن مان ھن وقت تائين رڳو 18 جوابدار گرفتار ٿي سگھيا آھن.