پاڪستان ۾ ريل جو سفر پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف، مختلف حادثن ۾ 631 مسافر فوت، 780 زخمي
لاهور:پاڪستان ۾ ريل جو سفر پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان غير محفوظ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مختلف حادثن ۾ 631 مسافر فوت، 780 زخمي ٿيا.
ريلوي جي حفاظتي قدمن ۾ وڏين خامين جي نشاندهي ۽ ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون اچي ويا، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 9 ورهين دوران حادثن ۾ 631 مسافر فوت، 780 زخمي ٿيا.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هر سال 70 کان وڌيڪ مسافر حياتيون وڃائي ويٺا، پاڪستان ۾ ٽرين حادثن جي شرح پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، سال 2013 کان 2021 تائين هڪ هزار 97 حادثا رپورٽ ٿيا.
آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو ته پاڪستان ريلوي ۾ ساليانو 100 کان وڌيڪ حادثا پيش ايندا آهن، وڏن حادثن جو انگ 360 آهي، جڏهن ته ريلوي کاتي کي 3517.4 ملين رپين جو نقصان ٿيو.
ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف آڊٽ ريلوي، لاهور جي جاچ رپورٽ ۾ ريلوي نيٽ ورڪ تي 1565 بنا ڦاٽڪ وارين ڪراسنگز حادثن جو وڏو ڪارڻ قرار ڏنيون ويون، ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين سبب ٽرين سان ٽڪرائجڻ جا 493 حادثا پيش آيا.
پاڪستان ريلوي انهن مالي نقصانن کي پنهنجي اڪائونٽن ۾ ظاهر نه ڪيو، ريلوي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ 46 صفحن تي ٻڌل آهي.