چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ لاءِ ضروري ڪميٽيون ٺاهڻ جي هدايت

لاهور : چيئرمين پي سي بي محسن نقوي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ لاءِ ضروري ڪميٽيون ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ٽورنامينٽ 2025ع جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ فيصل آباد ۾ جاري چيمپيئنز ون ڊي ڪپ ۽ اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن پروجيڪٽ جو به جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير، چيف فنانشل آفيسر جاويد مرتضيٰ، پي سي بي جي سمورن ڊائريڪٽرن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي چيئرمين پي سي بي چيو ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي حوالي سان تڪڙي ڪميٽيون جوڙيون وڃن، هر ڪميٽي جون ذميواريون طئي ڪيون وڃن ۽ ڪم شروع ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔