حسن نصرالله ۽ ٻيا سينيئر اڳواڻ شهيد،اسرائيلي دعويٰ

بيروت : اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته بيروت حملن ۾ ايراني حمايت يافته لبناني تنظيم حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله ۽ ٻيا سينيئر اڳواڻ شهيد ٿيا.پرڏيهي خابرو اداري ”رائٽرز“ موجب گذريل ڏينهن اسرائيل لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو حملو ڪيو، جنهن ۾ حزب الله جي هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد سيد حسن نصر الله کي مارڻ هو.اسرائيل طرفان فضائي حملن جو اهو سلسلو لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جڏهن ته ڇنڇر جي صبح اسرائيل بيروت جي ڏاکڻي مضافات ۽ لبنان جي ٻين علائقن تي هوائي حملا ڪيا. جڏهن ته حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جي مارجڻ جي ڪنهن به ذريعن کان تصديق نه ڪئي وئي آهي، پر اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته حسن نصرالله بيروت حملن ۾ شهيد ٿيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔