تاريخ جي بلند ترين سطح کي ڇُهڻ کانپوءِ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪي، جڏهن ته اڄ سون جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 300 رپيا گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ في تولو سون 2 لک 76 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.

ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 256 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 37 هزار 226 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس جي قيمت ٻه ڊالر گهٽجڻ بعد 2 هزار 6 ڇهه سئو 63 ڊالرز آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔