پگهاردار ۽ مينوفيڪچرنگ طبقي تي اضافي بار گهٽ ڪيو ويندو: محمد اورنگزيب

اسلام آباد:  وفاقي ناڻي واري واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پگهاردار ۽ مينو فيڪچرنگ طبقي تي جيڪو اضافي بار وڌو ويو آهي انهي کي گهٽ ڪيو ويندو

آمريڪي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ دوست ملڪن مالياتي ضرورت پوري ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالر قرض پروگرام جي منظوري ڏني آهي، اسان چاهيون ٿا ته اهو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هجي.

هن چيو ته ملڪي معيشت ۾ بنيادي اصلاحات آڻڻيون پوندي. پگهاردار ۽ مينو فيڪچرنگ طبقي تي جيڪو اضافي بار وڌو ويو آهي انهي کي گهٽ ڪيو ويندو. ريٽيلرز، هول سيلرز، زراعت ۽ پراپرٽي جي شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو. آمريڪا پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪندو رهيو آهي اميد آهي ته انهي ۾ به اضافو ٿيندو. دوست ملڪن کان جيڪو قرض ورتو انهي ۾ چين جو حجم سڀني کان وڌيڪ آهي. آءِ ايم ايف پڇي ٿو ته قرض کي واپس ڪيئن ڪندو.

گذريل سال ناڻي جي مٽاسٽا ۾ 29 سيڪڙو اضافي جي باوجود ٽيڪس ٽو جي ڊي پي 9 سيڪڙو رهي. 9 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي سان ڪنهن جي ملڪ جي معيشت ۾ استحڪام نٿو اچي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔