ڪرڪيٽرز فٽنيس مسئلا، صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽرن جي فٽنيس مسئلن جي بروقت تشخيص لاءِ ڪنسلٽنٽ اسپورٽس ميڊيسن مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اسپورٽس ميڊيسن جي ڪنسلٽنٽ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو آهي.انٽرنيشنل ۽ ڊوميسٽڪ سطح تي ڪرڪيٽرن جي تشخيص ۾ مشڪلاتون پيش آيون آهن، ان ڪري هاڻي اسپورٽس ميڊيسن جو صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو ڪرڪيٽرز جي مسئلن جي بروقت تشخيص، علاج ۽ بحالي جو ذميوار هوندو.صلاحڪار رانديگرن جي فٽنيس کي يقيني بڻائڻ لاءِ قومي ۽ ملڪي فزيوز ۽ ٽرينرز سان رابطو ڪندو.ڪنسلٽنٽ ايم بي بي ايس ڊگري لاءِ 10 سالن جو تجربو، راندين جي ڪلچر کي سمجھڻ ۽ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت کي پوسٽ لاءِ قابليت طور ذڪر ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ دلچسپي رکندڙ اميدوار 10 آڪٽوبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.ڊاڪٽر سهيل سليم جي استعيفيٰ کانپوءِ ميڊيڪل ڊائريڪٽر جو عهدو به خالي ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔