ٽِڪ ٽاڪ ذريعي پئسا ڪمائڻ جو طريقو اچي ويو

نيويارڪ : جيڪڏهن اوهان به مشهور سوشل ميڊيا ايپ ٽِڪ ٽاڪر ذريعي پئسا ڪمائڻ چاهيون ٿا ته هاڻي اِهو عمل وڌيڪ سولوبڻايو پيو وڃي. ڪمپني طرفان واهپيدارن کي ڪمائڻ جو نئون موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ سبسڪرپش فيچر تائين پهچ سمورن تخليقڪارن( ڪريٽيرز ) ڏني ويندي. پهريان اهو فيچر لائيو سبسڪرپشن جي نالي سان رڳو ٽڪ ٽاڪ تي لائيو اسٽريمنگ ڪندڙ واهپيدارن کي دستياب هيو. پر هاڻ سبسڪرپشن ذريعي پئسا ڪمائڻ جو موقعو 18 ورهين يا ان کان وڏي عمر واري هر واهپيدار کي دستياب آهي، پر ان سان گڏوگڏ ڪجهه شرط لاڳو ڪيا ويا آهن. اهڙن واهپيدارن جي فالوورز جو انگ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار هئڻ ضروري هوندو، جڏهن ته هڪ سال دوران وڊيو ويوز هڪ لک هجڻ جو شرط پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي. لائيو سبسڪرپشن فيچر 2022 ۾ متعارف ڪرايو ويو ته جيئن يوٽيوب ۽ اهڙين ٻين سروسز کي لائيو اسٽريمنگ جي ميدان ۾ مات ڏئي سگهجي. ٽڪ ٽاڪ طرفان سبسڪرپشن جي ٽن ڪيٽيگريز جي آڇ ڪئي ويندي، سبسڪپرشن واهپيدارن کي پنهنجي پسنديده تخليقڪار جي خاص مواد، چئنلز ۽ اسٽيڪرز تائين پهچ لاءِ ماهوار فيس ادا ڪرڻي پوندي. ان ٽول ذريعي واهپيدار خاص مواد ( فيس لاڳو ڪري)، بيجز ۽ ٻين ذريعن سان پئسا ڪمائي سگهندا، جڏهن ته تخليقڪار سڌي ريت پنهنجي سبسڪرائبرز سان چيٽ ڪري سگهندا. ڪمپني طرفان پهرئين مرحلي ۾ سبسڪرپشن فيچر برازيل، فرانس، جرمني، اسپين، برطانيا، انڊونيشيا، اٽلي، جپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان کانسواءِ ڪمپني طرفان ايندڙ ڪجهه هفتن يا مهينن ۾ ٻين ملڪن لاءِ به اِهو فيچر متعارف ڪرائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ٽِڪ ٽاڪ ترجمان موجب، تخليقڪار پنهنجي سبسڪرائبرز کي خاص مراعاتون به فراهم سگهندا جنهن ذريعي کين وڌيڪ ڪمائڻ جو موقعو ملندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔