پاڪ فوج دشمنن جا هڙئي منصوبا ناڪام بڻائي ڇڏيندي: آرمي چيف

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج دشمن جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي، خيبرپختونخوا پوليس کي ٽيڪنيڪي سهڪار فراهم ڪندا رهنداسين. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا جو دورو ڪيو،ان دوران کيس سيڪيورٽي جي موجودا صورتحال، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشنز ۽ ترقياتي رٿائن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب، جنرل عاصم منير آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سندن تيارين ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪئي ته جيئن دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي سگهجي. آرمي چيف ملڪ جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن جي لازوال قربانين تي کين ڀيٽا پيش ڪئي.

ان کانسواءِ آرمي چيف خيبرپختونخوا پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽيڪنيڪي مدد ۽ مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جو عزم ورجايو. جنرل عاصم منير خيبرپختونخوا جي عوام جي امن جي بحالي ۽ ڏکڻ وزيرستان انٽيگريٽڊ ڊيولپمينٽ پلان تحت مختلف رٿائن کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندن اهم ڪردار جو اعتراف پڻ ڪيو. هن خيبرپختونخوا جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پاڪ فوج جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي، آرمي چيف قبائلي نمائندن جي دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪ فوج سان سهڪار تي سندن ٿورا مڃيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔