سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کان ايڪس سان رابطن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس سان رابطن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جي بندش خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ درخواست گذار جو وڪيل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران عدالت درخواست گذار کان سوال ڪيو ته ايڪس جي بندش جي نوٽيفڪيشن تي اوهان خاموش ڇو رهيا؟ درخواست گذار جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته پهريان ته پي ٽي اي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو ته ايڪس جي بندش جو ڪو نوٽيفڪيشن آهي، ٽن ٻڌڻين کانپوءِ پي ٽي اي قبول ڪيو.
عدالت سوال ڪيو ته تڪراري مواد کي فلٽر ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ ان تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته تڪراري مواد جي نشاندهي تي ايڪس تي شڪايت ڪري سگهجي ٿي، پي ٽي اي کي ڪنهن به شڪايت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ گهرجن.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ايڪس کي 1418 شڪايتون ڪيون ويون پر ايڪس رڳو 103 شڪايتن تي مواد هٽايو، 1138 شڪايتن تي اڃا تائين فيصلو ناهي ڪيو ويو، روزاني بنيادن تي اي ميل ذريعي ايڪس سان رابطو ٿيندو آهي.
ان تي عدالت چيو ته 17 فيبروري 2024 تي ايڪس کي بلاڪ ڪيو ويو، اوهان عدالت کي اپريل وارو ليٽر ڏيکاري رهيا آهيو، اِهو خط ڪٿي آهي جن سببن جي بنياد تي شڪايت ڪئي وئي؟
عدالت پڇاڻو ڪيو ته مواد هٽائڻ جي درخواست ڪهڙي بنياد تي رد ڪئي وئي؟ اِها ڪارروائي يقينن بندش واري نوٽيفڪيشن کان اڳ جي هوندي؟ مواد هٽائڻ جي درخواست ڪهڙي بنياد تي رد ڪئي وئي اسان سبب ڄاڻڻ چاهيون ٿا.
ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنوته ايڪس سان رابطو ڳجهو رکيو ويندو آهي، پر هو عدالت کي دستاويز فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ عدالت چاهي ته ڌرين کي پڻ ڏيکاري سگهي ٿي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين ايڪس سان رابطن جو رڪارڊ طلب ڪندي چيو ته اسان کي رڳو شڪايت جي بنياد ۽ ايڪس جو جواب کپي.
ان کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ايڪس جي بندش تي درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي اٺ آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔