سعودي عرب ۾ نئين قسم جي مڇي دريافت

رياض : سائنسدانن احمر سمنڊ ۾ هڪ نئين قسم جي مڇي دريافت ڪري ورتي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مڇي جو اهو نئون قسم سعودي عرب جي ڪنگ عبدالله يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ يونيورسٽي آف واشنگٽن جي سائنسدانن دريافت ڪيو اهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان مڇي جو سائنسي نالو ”سويوٽا ايٿون“ آهي، جيڪا سعودي عرب جي علائقي فارسان ۾ احمر سمنڊ ۾ موجود مرجان جي جبلن مان دريافت ٿي آهي.
رپورٽ موجب اها ناياب ڳاڙهي مڇي سدائين ناخوش نظر ايندي آهي، تنهن ڪري محققن ان کي ”بدمزاج“ چيو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان مڇي جي سائز 2 سينٽي ميٽر کان به گهٽ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔