لبنان ۾ اسرائيلي حملن کان پوءِ هزارين ماڻهن جي لڏ پلاڻ، روڊن تي افراتفري جا منظر

بيروت: اسرائيل طرفان لبنان جي شهرن تي جاري خوفناڪ بمباري دوران تقريبن 500 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ هزارين ماڻهو پنهنجن گهرن کي ڇڏي محفوظ هنڌن جي ڳولا ۾ نڪري پيا آهن.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب اسرائيل لبنان جي گادي واري شهر بيروت سميت مختلف شهرن تي گذريل ٻن ڏينهن ۾ سوين فضائي حملا ڪري چڪو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 490 شهري فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.

رپورٽن موجب شهري آبادي تي اسرائيلي حملن کان پوءِ هاڻ لبنان جا ماڻهو گهرن کي ڇڏي لڏ پلاڻ تي مجبور آهن. هزارين ماڻهو محفوظ علائقن طرف وڃي رهيا آهن جنهن سبب گادي واري شهر بيروت جي روڊن سميت لبنان جي مختلف هاءِ ويز تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون ڏسڻ جي لاءِ ملي رهيون آهن.

لبناني ميڊيا موجب گذريل ڏينهن سرحدي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي انهن جي موبائل تي نامعلوم نمبرن تان ميسيج مليا جن ۾ چيو ويو هو ته هو حزب الله جي ٺڪاڻن يا اهڙين جڳهين جتي حزب الله جا ماڻهو آهن اتان کان پري نڪري وڃن، لبناني ميڊيا ٻڌايو آهي ته امڪاني طور تي لبناني شهرين کي اهي پيغام  اسرائيل طرفان اماڻيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔