مني لانڊرنگ ڪيس: مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم، ملڪيت به ضبط

لاهور:لاهور جي اسپيشل سينٽرل عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مونس الاهي سميت 6 اشتهاري جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي سندن ملڪيت به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

مونس الاهي سميت ٻين اشتهاري جوابدارن جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل سينٽرل عدالت لاهور ۾ ٿي، اسپيشل  سينٽرل عدالت جي جج تنوير احمد ايف آءِ اي جي چالان تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت مونس الاهي سميت 6 اشتهاري جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارن جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اشتهاري جوابدارن ۾ مونس الاهي، فراست علي چٺه، امتياز علي شاهه،  عامر سهيل ۽ عامر فياض شامل آهن، عدالت مونس الاهي ۽ ضيغم عباس جي ملڪيت ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو ۽ ڏوهه ۾ مونس الاهي کي 26 ڪنال کان وڌيڪ ملڪيت به منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اسپيشل سينٽرل ڪورٽ مونس الاهي جي نالي تي لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ واقع هڪ پلاٽ ۽ گهر به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي عمل ڪرڻ جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔