ڀارت جي آزادي واري ڏهاڙي تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، شٽربند هڙتال

سرينگر: اڄ 15 آگسٽ تي ڀارت جي آزادي جي ڏهاڙي تي والاريل ڪشمير جي بهادر عوام ڪارو ڏينهن ملهائي رهي آهي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب حريت قيادت جي سڏ تي والاريل وادي ۾ مڪمل هڙتال آهي. تعليمي ادارا، دوڪان ۽ ڪاروباري مرڪز بند آهن، جڏهن ته ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي معطل آهي، ڀارتي ظلمن ۽ ظالماڻي قبضي جي خلاف ڪشميرين پنهنجن گهرن تي ڪارا جهنڊا چاڙهي ڇڏيا آهن.

قابض ڀارتي فوج ڪشميرين کي احتجاج کان روڪڻ جي لاءِ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪندي اضافي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي. اهم روڊن کي ڪنڊيدار تارون لڳائي بند ڪيو ويو آهي. مختلف علائقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي آهي، ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ آواز اٿاريندڙ ياسين ملڪ، آسيه اندرابي ۽ ٻيا اڳواڻ سالن کان ڀارتي جيلن ۾ بدترين ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڀارت جي قبضي کان آزادي جي لاءِ هينئر تائين هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري پنهنجي حياتين جو نذرانو ڏئي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔