اپوزيشن اتحاد جو حڪومتي اتحاد سان ڳالهين جو فيصلو

اسلام آباد : اپوزيشن اتحاد تحريڪِ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت اتحاد سان رابطن جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، محمد خان اچڪزئي جي قيادت ۾ اپوزيشن اتحاد جلد حڪومتي اتحادين سان رابطو ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن اتحاد طرفان نون ليگ ۽ پ پ سان باظابطا رابطو ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ڳالهين لاءِ ايندڙ هفتي رابطن جو امڪان آهي، محمود خان اچڪزئي سياسي پارٽين سان رابطا ۽ مشاورت ڪندو.
ياد رهي ته اپوزين اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان 6 جماعتي اتحاد آهي، اتحاد ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف، پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، جماعت اسلامي، بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل، سني اتحاد ڪائونسل ۽ وحدت مسلمين شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔