اسان فوج سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون: عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسان فوج سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون، فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ باني چيئرمين چيو ته فوج سان ڳالهين جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان فوج تي ڪڏهن به الزام نه لڳايو   صرف تنقيد ڪئي آهي.

عمران خان فوج کي بگڙيل ٻار سان تشبيهه ڏيندي چيو ته گهر  ۾ ڪوبه بگڙيل ٻار هجي ته انهي تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ۽ فوج تي تنقيد انهي سبب ڪئي هئي ڇو ته تنقيد جمهوريت جو حسن آهي.  صحافي سوال ڪيو ته اوهان جي تازن بيانن سان لڳي رهيو آهي ته اوهان فوج سان معاملا صحيح ڪرڻ چاهيو ٿا پر اوهان انهي فوج ۽ ان جي سربراهه تي الزام لڳايا؟ جنهن تي عمران خان چيو ته مون فوج تي ڪڏهن به الزام نه لڳايا آهن، صرف تنقيد ڪئي آهي، اسان کي اهو نه سيکاريو ته فوج ڪڏهن ڪا غلطي ناهي ڪئي

هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا جي پٺيان جنرل ضياءَ هو ۽ سقوط ڍاڪا جي پٺيان جنرل يحيٰ خان جو هٿ هو، اوهان جيڪڏهن ظلم ڪندو ته ڇا فوج تي تنقيد بند ڪري ڇڏيندو.

صحافي سوال ڪيو ته اوهان فوج تي الزام لڳايو ٿا ۽ انهن سان ڳالهيون به چاهيو ٿا، سياسي پارٽين سان ڳالهيون ڇو نٿا ڪريو؟ عمران خان چيو ته ايس آءِ ايف سي ڇا آهي ۽ محسن نقوي ڪير آهي؟ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي ۽ محسن نقوي  هنن جو ماڻهو آهي،  محمود خان اچڪزئي کي اسان ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو هو، پر ٻئي طرف کان ڪوبه نالو سامهون اچي ته اسان ڳالهيون ڪريون.

سوال ڪيو ويو ته اهڙيون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن ته اوهان ۽ اوهان جي پارٽي جا ڪجهه ماڻهو محمود خان اچڪزئي تي ڀروسو نٿا ڪن؟ عمران خان چيو ته محمود خان اچڪزئي تي اسان جو پورو ڀروسو آهي.

صحافي سوال ڪيو ته اوهان چئو ٿا ته محسن نقوي انهن جو ماڻهو آهي، جيڪڏهن هنن جي طرفان محسن نقوي کي ڳالهين جو اختيار ڏنو وڃي ته اوهان ڳالهيون ڪندو؟ عمران خان چيو ته محسن نقوي سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪندس، انهي آءِ جي پنجاب سان ملي اسان تي ظلم ڪيو اهي ظل شاهه جي موت جا ذميوار آهن. هي پرڏيهه ڇو نه وڃي سگهيا پرڏيهي ملڪن ۾ تشدد کان نفرت ڪئي ويندي آهي.

عمران خان چيو ته مريم نواز فاشسٽ آهي  اها پنهنجي پيءُ جي چوري جي پئسن سان پلجي آهي جيئن شهزادي هجي. مريم نواز آءِ جي پنجاب کي انهي لاءِ رکيو آهي ته  اهو پي ٽي آءِ تي ظلم ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔