اڄ کان پهرين جولاءِ تائين سڄي سنڌ ۾ برسات جو امڪان

 اڄ کان سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظير آباد ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان

موسميات کاتي موجب اڄ خليج بنگال کان سانوڻي جون هوائون ملڪ جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿينديون، اڄ کان پهرين جولاءِ تائين مٺي، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۾ تيز برسات جو امڪان

سانگهڙ، ٽنڊو الهيار، بدين  ۽ ٺٽي سميت  نوشهروفيروز، خيرپور، دادو، سکر، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔