سنڌ پوليس لاءِ 5 ارب روپين جي هيلٿ انشورنس پاليسي جو اعلان

سنڌ پوليس لاءِ 5 ارب روپين جي هيلٿ انشورنس پاليسي جو اعلان، وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ آفيس جي دوري بعد تقريب کي خطاب ڪندي هيلٿ انشورنس پاليسي جو اعلان ڪيو

 انشورنس پاليسي تحت سنڌ پوليس جا هڪ لک 27 هزار 482 ملازم ۽ سندن گهر ڀاتي نجي اسپتال مان 10 لک روپين تائين جو علاج ڪرائي سگهندا

 وڏي وزير سي پي او آفيس ۾ سنڌ سرويليئنس سسٽم ايس فور ۽ هيلٿ ڪارڊ جو افتتاح به ڪري ڇڏيو، وڏي وزير کي سي پي او جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم ۾ ايس فور پراجيڪٽ بابت بريفنگ ڏني وئي

 آءِ جي سنڌ بريفنگ ۾ چيو ته منصوبي سان سنڌ جي سمورن داخلي ۽ خارجي رستن جي اثرائتي نگراني ممڪن ٿي سگهندي، صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار ٻڌايو ته پراجيڪٽ تحت 40 ٽول پلازائن تي لڳل ڪيمرائون سي پي او ڪراچي جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول روم سان ڳنڍيل آهن

 وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ايس فور منصوبي لاءِ ڏيڍ ارب روپيا رکيا آهن، سنڌ جي سمورن ٽول پلازائن تي لڳل ڪيمرائون چهري جي سڃاڻپ ۽ آٽوميٽڊ نمبر پليٽ جاچڻ جي صلاحيت رکن ٿيون

 وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليس جي ڪارروائين سبب ڏوهاري سخت دٻاءَ جو شڪار آهن، ڌاڙيلن اڄ ڪشمور ۾ هڪ پوليس اهلڪار کي شهيد ڪيو آهي،  5 پوليس اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاڙيلن کي گذريل ڏينهن جهنم پهچايو ويو

هن چيو ته ڏوهارين کي هاڻي ڀڄڻ نه ڏينداسين، ڪو وقت هو جو سنڌ جي هاءِ ويز تي بنا پوليس اسڪواڊ جي سفر ڪرڻ ممڪن نه هو، هاڻي اسان جا روڊ رستا محفوظ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔