قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري: مالي سال 25-2024 جي بجيٽ پيش ڪئي پئي وڃي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿي ويو، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي.

ناڻي واري وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن جو ايوان ۾ گوڙ جاري آهي، سني اتحاد ڪونسل جا ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ۽ نعرا لڳائي رهيا آهن

ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب بجيٽ پيش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته گذريل حڪومت جي اسٽينڊ باءِ معاهدا ڪرڻ تي ان جي تعريف ڪرڻي پوندي. اسٽينڊ باءِ معاهدي سان معاشي استحڪام جي راهه هموار ٿي، اسٽينڊ باءِ معاهدي سان غير يقيني صورتحال جو خاتمو ٿيو. مهانگائي مئي ۾ گهٽ ٿي 12 سيڪڙو تائين اچي وئي ۽ عام واهپي جون شيون به عوام جي پهچ ۾ آهن.

هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. اسان جي مالياتي استحڪام جي ڪوششن جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن. سرمائيڪار ڪيترن ئي شعبن ۾ سرمائيڪاري جا موقعا ڳولي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔