وفاقي ڪابينه جو اجلاس: پگهارن ۾ 25، پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي منظوري

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه نئين مالي سال جي بجيٽ دستاويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي. پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب وفاقي ڪابينه جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بجيٽ تجويزون پيش ڪيون ويون جنهن جي ڪابينه منظوري ڏئي ڇڏي.

ڪابينه اجلاس ۾ هارين، نوجوانن، صنعتن جي لاءِ پيڪيج جي منظوري ڏني وئي، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سمورين اسڪيمن جو اعلان وفاقي ناڻي وارو وزير پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ ڪندو.

ڪابينه گريڊ هڪ کان 16 جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان 22 جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهڙي طرح پينشن جي مد ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو.

اجلاس دوران وزيراعظم ڪابينه اجلاس مان سمورن آفيسرن کي ٻاهر وڃڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو جنهن  کان پوءِ سمورا آفيسر ڪابينه اجلاس مان اٿي ٻاهر نڪري ويا، صرف وزير رهجي ويا. وزيراعظم هدايت ڏني ته رازداري کي برقرار رکيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔