بجيٽ کان پوءِ وفاقي ڪابينه ۾ واڌ جو فيصلو، پ پ کي دعوت

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ کان پوءِ ڪابينه ۾ واڌ جو فيصلو ڪندي پيپلز پارٽي کي هڪ دفعو ٻيهر ڪابينه ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن چيو آهي ته وزيراعظم ان حوالي سان ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي آهي. وفاقي وزير احسن اقبال کي اهم ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. پيپلز پارٽي قيادت کي ڪابينه جو حصو بنجڻ ۽ وزارتن جي انگ جي باري ۾ مشاورت جاري آهي.ذريعن موجب قيادت جي فيصلي کان پوءِ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو معاملو رکيو ويندو. سي اي سي جي توثيق کان پوءِ ڪابينه ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويندو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدر آصف زرداري سان ملاقات کان پوءِ وفاقي وزير احسن اقبال متحرڪ ٿي ويو آهي. احسن اقبال انهي معاملي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ پ پ اڳواڻ قمرالزمان ڪائره سان رابطا ڪيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔