ڪراچي : پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سنڌ ڪابينا جي پهرين مرحلي ۾ 8 وزيرن جي حلف کڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. 2 مشير به کڻڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ۾ ناصر شاهه، سعيد غني، شرجيل ميمڻ، عذرا فضل پيچوهو، سردار شاهه، ضياء لنجار ۽ محمد بخش مهر پهرين مرحلي ۾ حلف کڻندا. حلف برداري جي تقريب اڄ شام 5 وڳي گورنر هائوس ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.