ڪراچي:سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي ٿيز ته ڪٿي هلڪي برسات، ٿڌ ۾ واڌ، اسڪولز ۽ آفيسز ۾حاضري گهٽجي وئي، ڪراچي ۾ ٿڌي هوائن شهرين کي سيسراٽيون ڏياري ڇڏيون.
ڪشمور، غوثپور، ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، خيرپور، دادو، شهدادڪوٽ، ڪنڊيارو ۽ سجاول جوڻيجو ۾ وسڪارو، پيارو اسٽيشن، قصبو، قمبر، بهرام، لالو رائنڪ، ڪريم بخش کوسو، ڪنڌرا، ڪرمپور ۽ مبارڪپور ۾ مينهن وسي پيو
صالح پٽ، ميان صاحب، همايون، مٺياڻي، پکو، داد لغاري ۽ واهي پانڌي سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسڪارو، سيءُ وڌي وڃڻ ۽ برسات سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به ٿڌي هوائن جو رخ، سيءَ جي لهر وڌي وڃڻ ڪري اسڪولز ۽ آفيسز ۾ حاضري گهٽ رهي.
جڏهن ته ٿر ۾ زلزلي جا لوڏا، سيءَ جا سٽيل ماڻهو خوف وچان گهرن مان نڪري آيا، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
علائقي واسين موجب زلزلو ايترو ته شديد هو جو گهرن جون ڀتيون ڌڏي ويون، خوف سبب ماڻهو گهرن کان ٻاهر ويهي رهيا.