فوج خلاف منفي پروپئگنڊا ڪندڙن کي سخت سزا ڏيڻ جو قرارداد منظور

اسلام آباد:سينيٽ پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف ناڪاري ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪرڻ وارن کي سخت سزا ڏيڻ جو قرارداد متفته طور منظور ڪري ورتو.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيئي قرارداد پيش ڪيا ويا، پ پ جي سينيٽر بهرا مند تنگي پاڪ فوج جي حق ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.

قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۽ ملڪي سرحدن جي تحفظ ۽ بچاءِ ۾ هٿياربند فوج ۽ دفاعي ايجنسين لازوال قربانيون ڏنيون، فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز خلاف ناڪاري ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪرڻ وارن کي سخت سزا ڏني وڃي.

قرارداد موجب، دشمن پاڙيسرين جي هوندي مضبوط فوج ۽ سيڪيورٽي ايجنسي اڻٽر آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پاڪ فوج خلاف بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، سينيٽ جو ايوان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته فوج خلاف منفي پروپئگنڊا ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔