ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پنهنجي جتيءَ سان ٿڏيون ٿا: نگران وزير اعظم

نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پنهنجي جتيءَ سان ٿڏيون ٿا، ڪشمير ڀارت جو نه ڪڏهن حصو هو ۽ نه ڪڏهن رهندو

مظفر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪا به عدالت ڪشميرين جي مستقبل جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي

هن چيو ته والاريل ڪشمير بابت ڪو به هڪ طرفو فيصلو قبول نه ڪنداسين، پاڪستان ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو

نگران وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔