تحريڪ انصاف چونڊن لاءِ انتظامي آفيسرن جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو

لاهور: تحريڪ انصاف چونڊن جي لاءِ انتظامي آفيسرن جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڌانڌلي جا دروازا کولڻ جي برابر ۽ چونڊن جي شفافيت کي خاڪ ۾ ملائڻ جو اهم قدم آهي

ترجمان موجب پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي انتظامي مشينري پي ٽي آءِ کي چيڀاٽڻ ۾ ڪردار ادا  ڪري رهي آهي اليڪشن ڪميشن انتظامي آفيسرن جي مقرري جو سمورو عمل رول بيڪ ڪري.

ياد رهي ته 8 فيبروري جي عام چونڊن جي سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن چونڊن جي لاءِ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن(ڊي آر اوز)، ريٽرننگ آفيسرن(آر اوز) ۽ اسسٽنٽ ريٽرننگ آفيسرن(اي آر اوز) جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب خيبرپختونخواهه جي 36 ضلعن جا لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر مقرر ٿيندا. پنجاب جي 41 ضلعن مان 40 جا لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز ڊي آر اوز هوندا جڏهن ته ڊائريڪٽر جنرل ڊي جي خان ڊوالپمينٽ اٿارٽي محمد خالد منظور کي ڊي آر او تونسه مقرر ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب سنڌ جي 30 ضلعن جا لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز ڊي آر اوز هوندا. ٻين صوبن جيان بلوچستان جي 36 ضلعن جي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز کي ڊي آر اوز مقرر ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر عرفان نواز کي ڊي آر او اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔