پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ انگلينڊ کي 288 رنز تان هارائڻو پوندو: فارمولو تيار

ڪراچي: پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ انگلينڊ کي 288 رنز تان هارائڻو پوندو، فارمولو تيار ٿي ويو. تفصيل موجب ڀارت ۾ جاري عالمي ڪپ جا رائونڊ ميچ پنهنجي پڄاڻي جي ويجهو اچي ويا آهن

رينڪنگ ۾ ڀارت، ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا سيمي فائنل ۾ پنهنجون سيٽون پڪيون ڪرائي ورتيون آهن جڏهن ته چوٿين ٽيم لاءِ نيوزيلينڊ، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مقابلو جاري آهي، نيوزيلينڊ پنهنجي ڪالهوڪي ميچ ۾ سريلنڪا خلاف ڪاميابي ماڻي قومي ٽيم جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي جنهن بعد شاهينن لاءِ ڏکيائن ۾ واڌ ٿي وئي آهي

سيمي فائنل لاءِ فارمولو تيار ڪيو ويو آهي جنهن موجب سڀاڻي ميچ ۾ ڪاميابي سان گڏ شاهينن کي رن ريٽ به سامهون رکڻو پوندو ٻي صورت سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويندا

قومي ٽيم جيڪڏهن پهرين بيٽنگ ڪري 300 رنسون ٺاهيون ته انگلينڊ کي  13 رنز تي آئوٽ ڪرڻو پوندو جڏهن ته انگلينڊ پهرين بيٽنگ ڪري ته کيس 50 رنز تي آئوٽ ڪري هدف 2.5 اوورن ۾ مڪمل ڪرڻ لازمي هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔