چيف اليڪشن ڪمشنر سان تحريڪ انصاف جي قانوني ٽيم جي ملاقات

اسلام آباد:  تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن کان انٽرا پارٽي چونڊن جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان تحريڪ انصاف جي قانوني ٽيم جي ملاقات ٿي جنهن ۾ بيرسٽر گوهر ۽ بابر اعواڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پي ٽي آءِ جي وفد  تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن کي چونڊ مهم ۾ رنڊڪن کان به آگاهه ڪيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جي ميمبر بيرسٽر گوهر علي چيو ته اليڪشن ڪميشن سان بابر اعواڻ ۽ مون ملاقات ڪئي جيڪا اسان جي درخواست کان پوءِ ٿي آهي.

بيرسٽر علي گوهر ٻڌايو ته تقريبن 45 منٽن جي ملاقات ٿي جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز موجود هئا اسان چارٽرڊ آف دمانڊ اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏيو آهي. اسان چيو آهي ته اسان  کي اجلاس ڪوٺائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي جڏهن ته پي ٽي آءِ جا جهنڊا ۽ بينرز به پرنٽ نه پيا ٿيڻ ڏنا وڃن.

بيرسٽر گوهر علي ٻڌايو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪريو جنهن ۾ اسان کي فيئر چونڊ مهم جي اجازت ڏني وڃي. اسان اهو به چيو ته نگران حڪومت فنڊز جاري ڪري رهي آهي جيڪا قانوني طور نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اليڪٽرڪ ڪمپنيز کي ڊسڪوز جاري ڪندڙ(ن) ليگ جا اميدوار آهن. اسان کي چونڊ نشان جو آرڊر به اڃان تائين رليز نه ڪيو ويو آهي انهن کي چيو ويو آهي ته تفصيلي آرڊر جاري ڪيو وڃي.

بيرسٽر علي گوهر ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته بيٽ جو نشان پي ٽي آءِ جو ئي هوندو. ڪوبه چيئرمين مائننس نه ٿيندو جيڪو پي ٽي آءِ چيئرمين آهي اهوئي رهندو اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي اها ليول پليئنگ فيلڊ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔