اسلام آباد: بجلي جي چوري ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي آفيسرن، ملازمن ۽ بجلي چورن جي ڳٺ جوڙ ٽوڙڻ لاءِ بجلي ڪمپنين ۾ ايف آءِ اي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو .
وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ٽن آفيسرن جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب، ٽنهي آفيسرن کي پيسڪو، سيپڪو ۽ حيسڪو ۾ مقرر ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن موجب، ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سعد الله خان کي پيسڪو، ڊپٽي ڊائريڪٽر صوفي عبدالحفيظ چاچڙ کي سيپڪو ۽ ايڪٽنگ ڊائريڪٽر مزمل احمد جتوئي کي حيسڪو ۾ مقرر ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايف آءِ اي آفيسر بجلي چوري جي روڪٿام ۽ ريڪوري وڌائڻ ۾ مدد ڪندا، آفيسر بجلي ڪمپنين ۾ ملازمن ۽ بجلي چورن جي ڳٺ جوڙ ٽوڙڻ تي به ڪم ڪندا.
ياد رهي ته سموري ملڪ ۾ بجلي چوري خلاف آپريشن تيزي سان جاري آهي جنهن دوران اربين رپيا اُوڳاڙي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جڏهن ته آپريشن دوران ڪيئي بجلي چورن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي.
پچھلی پوسٹ