ڪراچي: رينجرز جي مقرري ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ جو فيصلو

ڪراچي: نگران سنڌ ڪابينه ڪراچي ۾ وڌيڪ 6 مهينن تائين رينجرز جي مقرري ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي سنڌ رفعت مختار سميت پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي، ايڊووڪيٽ جنرل پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ ڪابينه کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. آءِ جي ٻڌايوته 2023 ۾ 218 ماڻهو اغوا ٿيا جن مان 207 بازياب ٿيا جڏهن ته 11 ماڻهو اڃان تائين يرغمال آهن.

ان موقعي تي سنڌ جي نگران وڏي وزير آءِ  جي کي هدايت ڪئي ته مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي.  ڪچي ۾ سٺي شهرت رکندڙ پوليس  آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ۽ جيڪي پوليس وارا سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارين انهن کي فوري طور تي تبديل ڪيو وڃي.

اجلاس دوران ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري ۾ وڌيڪ 6 مهينن جي واڌ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي تحت مقرري 14 سيپٽمبر 2023 کان فيبروري 2024 تائين هوندي. ان موقعي تي نگران وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي اسٽريٽ ڪرائيم جي خلاف آپريشن جو به حڪم ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔