ٽي مغوي بازياب ٿيڻ باوجود ڪشمور ويجهو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري

ڪشمور: 3 مغوي بازياب ٿيڻ باوجود ڪشمور ويجهو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري، ٽنهي صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، مظاهرين پاران ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي به بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

مغوي ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن رات ڌرڻي ۾ پهچي ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن جون دانهون ٻڌي مظاهرين به پنهنجا لڙڪ نه روڪي سگهيا

گذريل رات جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه به يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا

 مظاهرين پاران ايس ايس پي امجد شيخ،  پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏنو ويو آهي

هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته سمورن مغوين جي بازيابيءَ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، ڌاڙيلن ڪلچر جو خاتموچاهيون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔