پاڪستان مهانگائي جي معاملي ۾ نائيجيريا کان به اڳتي نڪري ويو

اسلام آباد: عالمي اقتصادي ميگزين ٽريڊنگ اڪنامڪس ۾ جاري ٿيندڙ رپورٽ موجب پاڪستان مهانگائي سبب متاثر ملڪن ۾ 18هين نمبر تي اچي ويو آهي.

ميگزين ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو واڌ ٿي آهي. جنهن کان پوءِ اها شرح 28.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. جڏهن ته نائيجيريا ۾ مهانگائي جي شرح 24.08 سيڪڙو ۽ لائوس ۾ 27.8 سيڪڙو آهي.

ٽريڊنگ اڪنامڪس جي انگن اکرن موجب ايشيائي ملڪن ۾ پاڪستان مهانگائي جي حوالي سان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته افغانستان ۾ مهانگائي جي شرح سڀني کان گهٽ منفي 6.5 سيڪڙو رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔