فاطمه قتل ڪيس، آزاد ڪيل ٻن ڊاڪٽرز ۽ هڪ ايس ايڇ او سميت 4 جوابدار ڪجهه ڪلاڪن اندر ٻيهر گرفتار

راڻيپور جي حويلي ۾ ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ آزاد ڪيل ٻن ڊاڪٽرز ۽ هڪ ايس ايڇ او سميت 4 جوابدارن کي پوليس ڪجهه ڪلاڪن اندر ٻيهر حراست ۾ وٺي ڇڏيو

10 ڏينهن گذرڻ باوجود مک جوابدار اسد شاهه جي روپوش قرار ڏنل گهر واري حنا شاهه گرفتار نه ٿي سگهي، هاءِ پروفائل ڪيس ۾ ايس ايڇ او امير چانگ، ڊاڪٽر فتاح ميمڻ، ڊاڪٽر علي حسن وساڻ ۽ ڊسپينسر امتياز ميراسي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو

 جوابدارن کي اڄ صبح بي گناهه ڄاڻائي ڇڏيو ويو هو، جاچ آفيسر قاضي بچل دعويٰ ڪئي ته  جوابدارن کي بي گناهي جا ثبوت پيش ڪرڻ تي ڇڏيو ويو، جوابدارن پنهنجي بي گناهيءَ جا ثبوت ڊي ايس پي عبدلقدوس ڪلوڙ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي کي پيش ڪيا هئا

 جاچ آفيسر موجب جوابدار اڃا تائين جاچ ۾ شامل آهن، کين  پوليس جي ڪسٽڊي مان چڏيو ويو هو، جن کي ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو آهي، چئني جوابدارن تي حقيقتون توڙي ڏوهه لڪائڻ ۽ فرض ۾ غفلت جا الزم آهن

 مک جوابدار اسد شاهه جي جسماني رمانڊ ۾ گذريل ڏينهن عدالت 3  ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي، ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار  جي گهر واري حنا شاهه اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهي آهي، حنا شاهه کي 3 ڏينهن اڳ خيرپور پوليس روپوش قرار ڏئي ڇڏيو هو

10 ورهين جي ٻارڙي فاطمه جو موت راڻيپور جي بااثر پير جي حويليءَ ۾ ٿيو هو، جنهن جي ڦٿڪي ڦٿڪي مرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔