ملڪ ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، پشاور ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جا ننڍا وڏا شهر سبز هلالي رنگن سان جرڪي پيا

اسلام آباد ۾ 31 توپن ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان قومي ڏهاڙي جي شروعات، مزارِ قائد ڪراچي ۽ مزارِ اقبال لاهور ۾ گارڊز جي تبديليءَ جون باوقار تقريبون ڪوٺايون ويون جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ عوام آزادي جي ڏينهن تي قومي جهنڊا کڻي ملڪ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔