سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جي ڪيسن ۾ اپيل جو حق ڏيڻ واري قانون کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسيمبلي ٽٽندي ئي سپريم ڪورٽ  ريويو آف ججمنٽس ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، ريويو آف ججمنٽس ايڪٽ  خلاف داخل درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏنيون ويون آهن

 محفوظ ڪيل فيصلو چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني خصوصي بئنچ ٻڌايو، سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني خصوصي بئنچ نظرثاني قانون  خلاف درخواستن تي متفقه فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي

 فيصلي ۾ چيو ويو ته ريويو ايڪٽ آئين جي خلاف آهي، جنهن جا تفصيلي سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا، چيف جسٽس فيصلو ٻڌائيندي چيو ته هن ايڪٽ جي ڪا قانوني حيثيت ناهي، ريويو آف ججمنٽ ايڪٽ اختيارن کي اورانگهي ٺاهيو ويو

 سپريم ڪورٽ موجب ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمنٽس ايڪٽ بابت ڪيس ۾ جسٽس منيب اختر اضافي نوٽ به لکيو آهي، سپريم ڪورٽ ريويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊرز ايڪٽ خلاف درخواستن تي فيصلي لاءِ ڌرين کي اليڪٽرانڪ نوٽيس موڪليا هئا

19 جون تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل بئنچ ڪيس جون 6 ٻڌڻيون هلائڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، ايڪٽ تحت آرٽيڪل 184 ٿري جي ڪيسز جي فيصلن خلاف  متاثر ڌر کي اپيل جو حق ڏنو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔